SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تڪرار جي حل بابت هاڪاري رويو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


تڪرار جي حل بابت هاڪاري رويو

Conflict Transformation

ڪانفلڪٽ ٽرانسفارميشن

هي سرچاءَ جو هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن ذريعي خوني تڪرارن جو حل پرامن طريقن سان ڳولڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽ تڪراري ڌُرين وچ ۾ ڏي-وٺ جي بُنياد تي، هڪٻئي ڏانهن دُشمني ختم ڪرڻ لاءِ ماحول جُڙي ٿو. هن عمل ذريعي، تڪرار هيٺ آيل ڌُرين کي ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار ڪرڻ، سندن ترجيحن کي تبديل ڪرڻ ۽ جنگ باز روين کي مصالحتي روين ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي. ان سان گڏ ٻنهي ڌُرين جي دلچسپيءَ وارن معاملن کي وڌيڪ اُڀاري، کين هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وينديون آهن ۽ سندن وچ ۾ مُخالفت ۽ دُشمنيءَ بجاءِ دوستيءَ ۽ سهڪار وارا لاڙا پيدا ڪيا ويندا آهن. بين الاقوامي برادريءَ جي مُختلف عنصرن وچ ۾ تڪرار جڏهن پيچيده صورتحال اختيار ڪندو آهي، ته اُن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪن غيرجانبدار ڌُرين طرفان ڪوششون ٿينديون آهن. خراب ٿيل صورتحال جي تسليمي، اُن جي نوعيت کي سمجهڻ، تڪراري ڌُرين جي هڪٻئي بابت جُڙيل تاثر جو اندازو لڳائڻ، تبديل ٿيل لاڳاپن جي نوعيت سمجهڻ ۽ سماجي تاڃي پيٽي کي نظر ۾ رکي سفارتي ۽ سياسي عمل ان سلسلي ۾ اهم اڳڀرائيءَ جو سبب بڻجندو آهي. ڇاڪاڻ ته، جڏهن جهيڙي جي پسمنظر ۽ پيش منظر کان مڪمل آگاهي ملي ٿي، ته ٿيندڙ ڪوششون ڦلدائڪ بڻجن ٿيون ۽ ڪن مُناسب حلن تائين پهچڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. دُنيا ۾ جيڪي ڌُريون تڪرارن جو ويڙهه کان پاڪ حل ڳولڻ گهُرن ٿيون، تن لاءِ هر معاملي ۾ خون خوار طريقن بجاءِ هاڪاري ۽ پر امن طريقن سان اڳڀرائي ڪرڻ لازمي آهي.


Remember Me Also:

اڇو ڪارتوهو

ذ. تُري جوئر جو هڪ قسم.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal